ذهين شاهه تاجي

ذهين شاهه تاجي: مشهور بزرگ ۽ عالم ذهين شاهه تاجيءَ جو اصل نالو محمد طاسين فاروقي هو ۽ هن 1904ع ڌاري ضلعي توڙوائي/ جئپور ۾ جنم ورتو. ذهين شاهه تاجيءَ جي والد سندس تعليم جو سٺو بندوبست ڪيو. هيءُ هڪ ئي وقت عربي، فارسي، اردو، هندي سنسڪرت ۽ انگريزيءَ جو سٺو ڄاڻو هو ۽ کيس ٻين علمن جي ڄاڻ به هئي. ذهين شاهه تاجي، بابا تاج الدين ناگپوريرحه جي خليفي حضرت بابا يوسف شاهه تاجيءَ جي هٿ تي بيعت ڪئي ۽ انهن جو خليفو ٿي رهيو. هن حضرت تاج الدين ناگپوريءَ جو تذڪرو تاج الاولياء‘ جي نالي سان مرتب ڪيو. هن منصور حلاج جي ڪتاب ’الطواسين‘ جو ترجمو به ڪيو ۽ اسلام جي وهابي مڪتبهء فڪر سميت اسلامي احڪامن تي هڪ جامع ڪتاب به لکيو. عقيدت وچان کيس بابا ذهين شاهه تاجي سڏين ٿا. هيءُ سٺو شاعر به هو ۽ سندس شاعريءَ جا ڪيترا مجموعا شايع ٿيل آهن. بابا ذهين شاهه تاجي 23 جولاءِ 1978ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس مزار ميوه شاهه قبرستان، ’آستانه تاجيه‘ ۾ آهي.


لفظ ذهين شاهه تاجيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو